مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 19,998 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

ويدڪ جڳ جي سنڌ

راجا سامبس (يوناني ٻوليءَ ۾ اچاريل).راجا سامبس قديم سنڌ جي انهن مقامي حڪمرانن مان هو، جن جو ذڪر سڪندر مقدونيءَ جي هندستاني مهمن جي حوالي سان يوناني تاريخي ذريعن ۾ ملي ٿو. يوناني مؤرخن هن کي Sambus يا Samboos جهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي. جديد تحقيق موجب، سامبس سنڌونديءَ جي هيٺئين علائقي (Lower Indus region) يا اولھ سنڌ جي ٽڪرين سان لاڳاپيل ڪنهن سياسي وحدت جو حڪمران هو، جڏهن ته سندس صحيح دارالحڪومت بابت مؤرخن ۾ اختلاف موجود آهي.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

ھيرا ديوي
ھيرا ديوي
  • ... تہ حر ڪئمپ جوهي جيڪو اٽڪل ويهارو کن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ھتي حرن کي ڪٽنبن سميت قيد ڪيو ويندو ھو، ان لاءِ ھن کي حرن جو لوڙهو بہ چيو ويندو آهي.
  • ... تہ هيرا (تصوير) قديم يوناني مذهب ۽ ڏندڪٿائن ۾ پرڻي، زال، ٻارڄمڻ، ۽ ڪُٽنب جي ديوي ھئي.
  • ... تہ ذمي ھڪ تاريخي لفظ آهي جيڪو اسلامي رياست ۾ انھن غيرمسلم ماڻھن لاء استعمال ٿيندو ھو جن جي حفاظت جي ذميداري رياست جي مٿان ھوندي ھئي.
  • ... تہ پاڪستان جي آئين جي شق 6 مطابق ڪو بہ شخص آئين کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪري يا ان جي ڪوشش ڪري تہ وڏي بغاوت جو ڏوهاري ٿيندو.
  • ... تہ خانبهادر جو لقب برطانوي راڄ دوران احترام خاطر ھندوستان جي مسلمانن کي ڏنو ويندو ھو، جڏھن تہ ھندن کي راءِ بھادر جو لقب ملندو ھو.

اڄ جو قول

  • جي ايم سيد جا قول
    • قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن.
    • بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ به پڇتائين ڪونه ٿا.
    • ڪمزور، بزدل، بيوقوف ۽ غدار ۾ تميز هئڻ ضروري آهي.
    • جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي اها پائيدار نه هوندي آهي.
    • جيسين اسان جي ڪارڪنن جو اخلاق درست نه ٿيندو تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا.
    • مون وٽ ته ڇا پر ڪنهن وٽ به ڪا ”نئين شيءِ“ ڪو نه آهي، اهي سڀ پراڻيون شڪليون آهن جن کي نئين نموني ۽ نئين انداز سان ورجايون ٿا.
    • هر اها ڳالهه ڪريو جيڪا ڪري سگهو اوهان ”غلام“ آهيو. اوهان جو حڪومت تي ڪو به ”دٻاءَ“ يا ”اثر“ نه پوندو.
    • اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو.[1]

اڄ جو لفظ

بالشويزم
ھي روسي ٻولي جو لفظ آھي
بالشويزم معني اڪثريت وارا ۽،
ان جو ضد آھي مينشويزم ٿورائي وارا.
بالشيوڪ پارٽي جو نالو پڻ ھن لفظ مان ئي نڪتل آھي.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 19,998 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

ھڪ ساموا گھراڻو جا ڀاتي
لي مافا پاس لڳ اوڀر اوپولو ۾ واقع فاليفا وادي جو ڏيک

ساموا (انگريزي: Samoa) اوشيانيا جي پولينيشيا خطي ۾ ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ واقع هڪ آزاد ٻيٽ ملڪ آهي. هي ملڪ بنيادي طور ٻن وڏن ٻيٽن، سَوائيئي ۽ اوپولو، ۽ ڪجھ ننڍن آباد ۽ غيرآباد ٻيٽن تي مشتمل آهي. گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر اپيا آهي، جيڪو اوپولو ٻيٽ تي واقع آهي. ساموا جي جاگرافيائي حيثيت ان کي پيسفڪ ٻيٽن جي وچ ۾ هڪ اهم مقام ڏئي ٿي. ساموائي ٻيٽن تي لڳ ڀڳ 3,500 سال اڳ لاپيٽا قوم اچي آباد ٿي، جنهن ساموائي ٻولي، سماجي نظام ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي بنياد وڌي. ساموائي ماڻهو سامونڊي سفر ۾ ماهر هئا، جنهن سبب يورپي ڳولا ڪندڙن هن ٻيٽ گروهه کي “نييويگيٽر آئلينڊز” جو نالو ڏنو. اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ساموا جرمن سلطنت جي نوآبادي بڻيو، پر پهرين عالمي جنگ دوران نيوزيلينڊ جي فوجن ان تي قبضو ڪري ورتو. بعد ۾ هي علائقو قومن جي ليگ ۽ پوءِ گڏيل قومن جي ٽرسٽ ٽيريٽري جي حيثيت سان نيوزيلينڊ جي انتظام هيٺ رهيو. 1 جنوري 1962ع تي ويسٽرن ساموا آزادي حاصل ڪري جديد ساموا جي صورت ۾ قائم ٿيو، جيڪو پيسفڪ علائقي جو پهريون آزاد ملڪ هو. 1997ع ۾ ملڪ پنهنجو سرڪاري نالو تبديل ڪري ساموا رکيو. اڄ ساموا هڪ واحد رياستي پارلياماني جمهوريت آهي، جنهن ۾ روايتي ساموائي سماجي نظام ۽ جديد جمهوري ادارا گڏيل طور ڪم ڪن ٿا. ساموا گڏيل قومن سميت ڪيترين عالمي ۽ علائقائي تنظيمَن جو ميمبر آهي، جڏهن ته ملڪ جي دفاع جي ذميواري نيوزيلينڊ ڊفينس فورس سنڀالي ٿي.

اڄ جو ڏينھن

جمعو 30 جنوري 2026ع مطابق 11 شعبان 1447ھ

وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/جنوري 30

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 19,998 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:

، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

  1. "سائين جي ايم سيد جا قول - Wikinews", sd.wikinews.org, حاصل ڪيل 30 جنوري 2020۔